اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ت?? سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ شاگردن کي معياري تعليم ڏيڻ قومي معيشت جي استحڪام ??اء?? انتهائي اهم آهي. هن اها ڳالهه اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ??يڪنالاجي جي پهرين سينيٽ ميٽنگ جي صدارت ڪندي چئي. صدر چيو ته يونيورسٽين کي اعليٰ معيار قائم رکڻ جي ??اء?? پنهنجي انفراسٽرڪچر کي جديد گهرجن موجب بهتر بڻائڻ گهرجي ت?? جيئن شاگردن کي اهڙو ماحول ملي سگهي جو اهي پنهنجون بهترين صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن. هن چيو ته ڪا قوم بهترين افرادي قوت کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون