اسلام آباد/ ميرپورخاص – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا ۾ پنهنجي شهرين کي امداد ۽ معاونت جي فراهمي جي حوالي سان پ??ڪس??ان دنيا ۾ مثال قائم ڪيو آهي، حڪومت وبا جي دوران ??لڪ جي اڌ آبادي کي امداد فراهم ڪئي، پ??ڪس??ان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن حڪومت ۽ رياست جو ع??م ماڻهو سان رابطو هجي، پ??ڪس??ان پنهنجي اقليتن سان مثالي سلوڪ ڪري رهيو آهي. هو اها ڳالهه هتي ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ا??دادي سامان جي ورڇ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته اڄ حڪومت ۾ ا??ا سوچ آهي ته جڏهن ڪا مشڪل ايندي آهي ته ان صورت ۾مدد فراهم ڪئي وڃي، حڪومتون محلن جي اندر ناهن هونديون، حڪومتون عوام جي ڳالهه ڪنديون آهن، عوام سان گڏ گڏ هونديون آهن ۽ عوام جي مشڪلاتن جو حل ڪڍنديون آهن، صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا ۾ دنيا ۾ پ??ڪس??ان مثال قائم ڪيو، پ??ڪس??ان جي حڪومت هڪ ڪروڙ 69 لک خ??ندانن کي 12، 12 هزار روپين جي روڪ امداد فراهم ڪئي ڇو ته عوا مشڪل ۾ هو، اسان جا ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن کي روڪ رقم ۽ پئسا پهچائڻ ضروري هو .
ڪورونا وائرس جي وبا ۾ پنهنجي شهرين کي امداد ۽ معاونت جي فراهمي جي حوالي سان پاڪستان دنيا ۾ مثال قائم ڪيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس