اسلام آباد – 03 آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم جو پارلياماني معامن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جوڙيل ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ?? انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق شرڪت ڪئي، جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين خصوصي دعوت تي اجلاس ?? شريڪ ٿيو. نادرا چيئرمين، پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ سائنس ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن به اجلاس ?? شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي نادرا چيئرمين ٻڌايو ته پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس ۽ آئين موجب نظام جي تياري جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هن سال اندر مڪمل ٿيندو، ان نئين نظام ۾ انتظامي ۽ ??لي??شن ڪميشن جي اختيارن کي مڪمل ڌار رکيو ويندو ۽ ووٽ جي رازداري کي قائم رکيو ويندو. نادرا چيئرمين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هن ??لي??شن ڪميشن کي به پنهنجي موجوده نظام جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن کي هن ساراهيو ۽ اصولي طور تي اهو ڪم نادرا کي ڏيڻ جو اشارو ڏنو. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته نادرا ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ماهرن جو اجلاس اڄ 4 آگسٽ تي ٿيندو جنهن ۾ مشاورت سان گڏ رپورٽ تيار ڪئي ويندي جنهن کي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي 9 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي ايندڙ اجلاس ?? غور هيـٺ آڻيندي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ نادرا چيئرمين کي ساراهيندي چيو ته سندس ڪوششن سان ??لي??شن ڪميشن ۽ نادرا هڪ پيج تي اچي رهيا آهن، هن هدايت ڪئي ته هو بريفنگ مختلف پارلياماني ڪميٽين ۾ به پيش ڪرڻ لاءِ تيار رکي.
ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل