اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي واپاري، اقتصادي ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪ??و آهي. اهو اتفاق راءِ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل بحرين جي پارلياماني وفد جي وچ ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. وفد جي قيادت بحرين جي نمائندن بابت ڪائونسل جي اسپيڪر فوزيه بنت عبدالله زينل ڪري رهي هئي. صدر بحرين جي پارلياماني وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن جيڪي مذهب ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن تي ٻڌل آهن. هن ان ڳالهه تي ??وش??ي وڌي ته پاڪستان ۾ بحرين کي زراعت، غذائي شين، لائيو اسٽاڪ، ماهيگيري ۽ جراحي اوزارن جي برآمدات جا وسيع امڪان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي ڇو ته هتي واپار ۽ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا آهن ۽ بحرين جي واپاري برادري کي انهن م??قعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر عارف علوي اسلامو فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن پاران گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ ??ور ڏنو. هن غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن تي پڻ ??وش??ي وڌي ۽ عالمي برادري تي ??ور ڏنو ته اها پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن م??جب حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ ولي عهد شهزاده عظميٰ شاهه سلمان بن حمد ا??خليفه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز قائم ڪرڻ تي بحرين حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان م??قعي تي فوزيه بنت عبدالله زينل چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا آهن ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. هن ٻنهي ڀائرن م??ڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. هن بحرين جي بادشاهه ۽ وزيراعظم پاران صدر عارف علوي کي مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو. ملاقات ۾ بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن جي وچ ۾ ٻطرفا رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ ??ور ڏنو ويو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بحرين جي پارلياماني وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada