اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ عدنان جي بهادري ۽ اخلاقي جرئت کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن پنهنجي جان خطري ۾ وجهي پريانٿا کي جنوني جٿي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي هڪ ٽ??ئي?? ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پوري قوم پاران ملڪ عدنان جي بهادري ۽ اخلاقي جرئت کي سلام پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن سيالڪوٽ ۾ پنهنجي جان خطري ۾ وجهي پريانٿا ديا وا??نا کي پناهه ڏيڻ ۽ پاڻ کي ڍال بڻائي کيس جنوني جٿي کان بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. اسان کيس تمغه شجاعت سان نوازينداسين.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔