اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن جيڪو تيزي سان ايشيا جو سڀ کان وڏو سيڙپڪار ۽ واپاري مرڪز بڻجي اڀري رهيو آهي، پرڏيهي پاڪستانين جي فڪري ۽ ڪاروباري صلاحيتن مان فائ??و کڻڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود صنعتن، اڪيڊيمين، ماهرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪا ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ايسپ??ئر پاڪستان جو صدر حسن سيد ڪري رهيو آهي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پ??ڪستان پنهنجي دستياب انساني وسيلن کي حاضر دور جي هنر ۽ جديد تعليم فراهم ڪري انهن جي تربيت جو اهتمام ڪري رهيو آهي، هن چيو ته تعليمي معيار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ يونيورسٽي پاس ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جنهن سان پاڪستان ۾ سڌو ??نئ??ن غير ملڪي سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ملندو، صدر کي ٻڌاي?? ويو ته ايسپ??ئر پاڪستان ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪاروباري ماڻهن، سيڙپڪارن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جو هڪ نيٽ ورڪ آهي جنهن ج?? ويزن پاڪستان کي جدت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ آهي، صدر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو.
ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل