اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي انساني وسيلن کي بلاڪ، چين ٽي??نالاجي، مصنوعي ذهانت،سائبر سيڪيورٽي ۽ بگ ڊيٽا جهڙين اڀرندڙ ٽي??نالاجيز جي شعبي ۾ ترقي ۽ تربيت ڏيڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بلاڪ چين ماهرن جي هڪ عالمي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن جي قيادت بي ايس وي بلاڪ چين اي??وس??ئيشن جي باني صدر جيمس نيگوين ڪري رهيو هو. صدر بلاڪ چين ٽي??نالاجي جي اهميت ۽ فائدي جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن سرڪاري ۽ نجي شعبا ان مان فائدو وٺي سگهن، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بلاڪ چين ٽي??نالاجي ڏيڻ و??ڻ کي ٽريڪ ڪرڻ، بدعنواني کي گهٽ ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ شفافيت وڌائڻ جو هڪ طاقتور ذريعو ٺهي سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته بلاڪ چين ٽي??نالاجي جي صلاحيتن کان پوري طرح فائدي وٺڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ان جي لاڳو کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ جامع نقطه نظر جي ضرورت آهي، صدر پاڪستان جي ٽي??نالاجي ٽيلينٽ جي خدمتن کي ساراهيو. جنهن دنيا جي ڪجهه وڏي ڪمپنين کي ٽي??ينڪي سهولت فراهم ڪري پنهنجي شناخت ٺاهي آهي، هن ان حقيقت کي اجاگر ڪيو ته گذريل سال دوران پاڪستاني اسٽارٽ اپ آءِ ٽي جي شعبي ۾ قابل قدر عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ان موقعي تي جميز نيگوي?? معيشت جي مختلف شعبن جهڙوڪ بئنڪنگ، فنٽيڪ، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ، هيلٿ ڪيئر، بگ ڊيٽا، ماحوليات ۽ ??ور??نس ۾ بلاڪ چين ٽي??نالاجي جي امڪانن ۽ استعمال جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ميٽنگ کي پاڪستان ۾ بي ايس وي بلاڪ چين پاران کنيل ڪيترن ئي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو.
چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نين ٽيڪنالاجيز ۾ مهارت حاصل ڪرڻي پوندي: صدر
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی