اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ??فاقي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، حلف برداري جي ايوان صدر ۾ منعقد ٿي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس هڪ سادي ۽ پُروقار تقريب ۾ حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وفاقي ڪا??ين?? جي ميمبرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سول ۽ فوجي عملدارن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سميت حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻي?? اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪا??ين?? ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي وفاقي وزير جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪا??ين?? جي جوڙجڪ جي پهرين مرحلي ۾ 19 اپريل تي 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن حلف کنيو هو، ٻي مرحلي ۾ 22 اپريل تي وفاقي ڪا??ين?? ۾ واڌ ڪئي وئي هئي ۽ ڪا??ين?? ۾ ٽي ??فاقي وزير ۽ هڪ مملڪتي وزير کي شامل ڪيو ويو هو، ڪا??ين?? ۾ پهرين ئي ٽن صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس