اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ زيرو لوڊشيدنگ ڇڏي وئي، ان وقت اسان نه رڳو ڊيمانڊ ۽ سپلائي جو بندوبست ڪيو پر ايندڙ 10 سالن جي منصوبابندي سان پراجيڪٽس شروع ڪيا، گذريل چئن سالن دوران پاڪستان ??ي مڙهيل نااهل ٽولي معيشت جي شعبي جو جيڪو حال ڪيو، اهڙي طرح توانائي جي شعبي کي به تباهه برباد ڪيو، وفاقي ڪابينا افغانستان ??ان ٽرانسپورٽرز کي ڇهن مهينن جو ملٽي پل ويزا ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، ان فيصلي سان وچ ايشيا ۽ افغانستان ۾ واپار کي سگهه ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ ٻين سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا ٽانڪ ضلعي ۾ پوليو مهم تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير ??ي واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻڌايو ته ان واقعي ۾ ٻه ڪانسٽيبل ۽ پوليو ٽيم جو هڪ ورڪر شهيد ٿيو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي نيشنل هيزرڊئيس ويسٽ مئنيجمينٽ پاليسي 2022ع جي منظوري ڏني. هن چيو ته ڪابينا گهرو وزارت تحت قائم افغان ??ين الوزارت تعاون سيل جي ايپيڪس ڪميٽي ۽ نادرا، سيڙپڪاري بورڊ ۽ پرڏيهي وزارت پاران ويزا رجيم تي ريويو ڪميٽي جي اجلاس جي تجويزن جي منظوري ڏني. هن چيو ته پاڪستاني سفارتخانو افغانين جي ويزا جي درخواست کي ڪنٽري آف اوريجن بدران موجوده نيشنلٽي/پاسپورٽ جي بنياد تي پراسيس ڪندو. هن چيو ته افغانستان ??ان واپار جي فروغ لاءِ ورڪ ويزا ڪيٽيگري ۾ هڪ نئين سب ڪيٽيگري، ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز، هيلپرز جي نالي سان پاڪستان ??ن لائين ويزا سسٽم متعارف ڪرايو و??ندو. شروعاتي طور تي 48 ڪلاڪن ??وران ڇهن مهينن جي مدي لاءِ ملٽي پل انٽري ويزا جاري ڪئي ويندي جنهن جي مدي ۾ هڪ سال جي توسيع جو اختيار گهرو وزارت کي هوندو. هن چيو ته ويزا جي لاءِ گهربل دستاويزن ۾ درخواست ڪندڙ جو فوٽو، پاسپورٽ/ ٽرانسپورٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽريشن ۽ ايمپلائمينٽ ليٽر شامل هوندو جڏهن ته توسيع جي صورت ۾ انٽري/ ويزا اپيج اضافي طور تي گهربل هوندا. هن چيو ته ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز ۽ هيلپرز جي ويزا جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ پاران ??يڪنڊيشن ليٽر ۽ ايس اي سي پي جي رجسٽريشن کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي ڇو ته ويزا حاصل ڪرڻ جو بنيادي مقصد رڳو شين جي بارڊر تي چرپر آهي. هن چيو ته مٿي ڄاڻايل سموريون تجويزون اقتصادي رابطا تنظيم جي ميمبر ملڪن ??ي ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز ۽ هيلپرز تي لاڳو هونديون. هن چيو ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ نادرا کي پاڪستان ??ن لائين ويزا سسٽم جي نظام ۾ تبديلي جي هدايت ڪئي ويندي. ان ??لسلي ۾ پاڪستان ۾ ڪاروباري آسانين جي فروغ لاءِ گهرو وزارت ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي آنل ائين ادائيگين کي پاڪستان ??ن لائين ويزا سسٽم سان ڳنڍيو و??ندو. هن چيو ته وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي آهي ته ان ??لسلي ۾ جيڪي به مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي. اسان کي افغانستان ??ي ماڻهن جي مدد ڪرڻي آهي ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اهي افغان ??هري جيڪي سيڙپڪاري جي لاءِ نار رياستن جو رخ ڪن ٿا انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪابينا افغانستان مان ??يندڙ مريضن جي لاءِ پڻ ويزا ۾ نرمي جي تجويز ڏني آهي. ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ افغان ??هرين جي سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ پاليسي ٻن هفتن جي اندر جوڙي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا ذيلي ادارا پاڪستان ??سٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي پاران ??جويز آئي هئي ته ڪجهه مينوفيڪچررز توانائي جي بچت جي حوالي سان معيارن تي پورو لهڻ جي لاءِ وقت گهري رهيا آهن. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ مشاورت وڌيڪ ضروري آهي. هن چيو ته ڪابينا ان ??والي سان هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي سربراهي سيڙپڪاري بورڊ وارو و??اقي وزير چوڌري سالڪ حسين ڪندو. هن چيو ته ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وفاقي وزير آغا حسن بلوچ ۽ لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽريز هوندا. هن چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسان کي توانائي بچائڻ جي ضرورت ۽ ان ??لسلي ۾ بجلي سان هلندڙ سمورن اوزارن جي اسٽينڊرڊز ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 22 جون 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ان ۾ 13 مختلف ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽس منظور ڪيون ويون آهن. افغان ??هواسين جي حوالي سان ??وال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2013ع کان 2018ع تائين سرحدن تي انٽگريٽيڊ مئنيجمينٽ سسٽم جوڙيو و??و هو، هن چيو ته 2015ع ۾ انٽگريٽيڊ مئنيجمينٽ سسٽم ايئرپورٽس ۽ بارڊرز تي پڻ قائم ڪيو و??و هو. هن چيو ته افغانستان ??ي لاءِ ويزا رجيم ۾ ڪجهه ويزا ڪيٽيگريز کي شامل ڪيو و??و آهي جن ۾ ٽرانسپورٽرز، هيلپرز ۽ ڊرائيورز شامل آهن. هن چيو ته ان کان ??ڳ ويزا پاليسي ۾ جڏهن به نرمي ڪئي وئي ته نادرا کي شامل نه ڪيو و??و. هن ڀيري پهريون ڀيرو نادرا کي ان نظام ۾ شامل ڪيو و??و آهي. هن چيو ته ڪاروباري آسانين کي نظر ۾ رکندي اها ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان ??ي مڪمل مڪينزم موجود آهي. ملڪ رياض تي رجسٽرڊ ايف آءِ آر جي حوالي سان ??وال تي هن چيو ته ان ??يف آءِ آرز تي معلومات گهرو وزير ڏيندو، ان ڏس ۾ بريفنگ ر??ي ويندي جنهن ۾ هو سموري معلومات فراهم ڪندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته حڪومت اسپيڪر ۽ پارليامينٽ جي معاملن تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي، رولز ۽ پروسيجرز موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فيصلا ڪندو آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي حڪومتي مداخلت ناهي هوندي. هن چيو ته هن اسيمبلي کي عمران ??ان وانگر پارليامينٽ تي تالو لڳائي نه پيو هلايو وڃي پر ان کي پارليامينٽ جي ضابطن موجب هلايو پيو وڃي، پارليامينٽ جي بالادستي تحت اسيمبلي هلي رهي آهي، اهو ئي جمهوريت جو اصل روح آهي. لوڊشيدنگ جي حوالي سان ??وال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ زيرو لوڊشيڊنگ ڇڏي وئي، ان وقت اسان نه رڳو ڊيمانڊ ۽ سپلائي جو بندوبست ڪيو پر ايندڙ 10 سالن جي منصوبابندي سان پراجيڪٽس شروع ڪيا. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران ??يڪو عذاب پاڪستان ??ي مڙهيل رهيو، ان معيشت جي شعبي جو جيڪو حال ڪيو، اهڙي طرح توانائي جي شعبي کي به تباهه ۽ برباد ڪيو. هن چيو ته اسان گذريل حڪومت وانگر الزام بازي ڪري ماتم نه ڪري رهيا آهيون پر اسان ??وانائي جو بندوبست ڪري رهيا آهيون، هن وقت عالمي سطح تي فيول جي کوٽ آهي، ان ??ي باوجود 30 جون تائين جيڪو پلان ڏنو هو ان ??ي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. ڪفايت شعاري جي حوالي سان ??وال تي هن چيو ته ان ڏس ۾ قدمن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته وزارتن جي سطح تي پڻ ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.
مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ زيرو لوڊشيدنگ ڇڏي وئي، ان وقت اسان نه رڳو ڊيمانڊ ۽ سپلائي جو بندوبست ڪيو پر ايندڙ 10 سالن جي منصوبابندي سان پراجيڪٽس شروع ڪيا، گذريل چئن سالن دوران پاڪستان تي مڙهيل نااهل ٽولي معيشت جي شعبي جو جيڪو حال ڪيو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil