اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نيشنل ٽرانسميشن ڊسٽري بيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، ٿر – مٽياري ٽرانسميشن لائين منصوبي کي وقت سر مڪمل نه ڪرڻ جي مرتڪب آفيسرن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، سرڪاري عمارتن کي سولر تي منتقل ڪرڻجي منصوبي جي رفتار تيز ڪئي وڃي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي فراهمي ۽ پاور سيڪٽر جي مختلف منصوبن تي جائزه ??ج??اس ٿيو. اج??اس کي هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي متوقع طلب ۽ فراهمي ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، مقامي سطح ??ي سولر پينلز جي تياري بابت تجويز ڪيل پاليسي ايندڙ هفتي ڪابينا اج??اس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيئ ويندي، اهڙي طرح اليڪٽرڪ بائيڪس جي مقامي سطح تي تياري جي حوايل سان پاليسي پڻ حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اج??اس کي گئس جي بچت جي حوالي سان و??ير??عظم جي حڪمن جي روشني ۾ گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي عمل بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته اهو منصوبو مقرر هدف کان هڪ مهينو اڳ ئي مڪمل ڪيو ويو آهي. اج??اس کي بجلي جي وڌيڪ کپت وارن پنکن ۽ بلب جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ ڪارخانن ۾ انهن جي تياري هلندڙ سال 30 جون کانپوءِ مڪمل طور تي بند ڪئي ويندي، ان حوالي سان لاڳاپيل صنعتن کي آگاهه ڪيو ويو آهي. اج??اس کي ڪابينا جي 3 جنوري 2023ع جي بجلي بچت پلان تي عملدرآمد کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. و??ير??عظم سمورن صوبن کي انهن قدمن ??ي سخ??ي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪندڙ عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته توانائي جي بچت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نه رڳو ميڊيا جي ذريعي هڪ منظم آگاهي مهم هلائي وڃي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليمي نصاب ۾ ان حوالي سان مواد شامل ڪيو وڃي. اج??اس کي زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ سان گڏوگڏ تازو ئي قومي سطح تي آگاهي سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو آهي. اج??اس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، چوڌري سالڪ حسين، سيد مرتضيٰ محمود، احسان الرحمان مزاري، و??ير??عظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محمد هاشم نوتيزئي، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس