اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري سان پاڪستان ?? ترڪيه جي سفير مهمت پڪاچي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ?? ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته پاڪستان ?? تازي ??باهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ترڪيه پاران معاونت ساراهه جوڳي آهي. ترڪيه جي سفير زلزلي دوران پاڪستان پاران بهترين تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان ?? ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، علائقائي تعاون، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان گڏ??ي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ