اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان فلپائن، ايران ۽ روانڊا سان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳپان کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در اهڙن خيالن جو اظهار فلپائن ۽ ايران جي نامزد سفيرن ۽ روانڊا جي نامزد غيرمقيم هاءِ ڪمشنر سان ايوان ??در ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن کيس پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ انهن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ??در فلپائن جي نامزد سفير ماريا سروينٽس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان فلپائن سان تعاون جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۽ فلپائن جي وچ ۾ ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو. ??در سان پاڪستان جي لاءِ نامزد ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ??در چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم اداراجاتي نظام ۽ نجي شعبي جي تعاون سان اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ايران سان موجوده اداراجاتي نظام مضبوط بڻائڻ ۽ بارڊر مارڪيٽس فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در سان پاڪستان ۾ روانڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جيمز ڪيمونيو پڻ ملاقات ڪئي. ??در ڊاڪٽر عارف ع??وي روانڊا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو ۽ چيو ته ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ڪاروباري برادرين کي دورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در چيو ته روانڊا جا واپاري مختلف مصنوعات جي درآمد لا??ِ پاڪستاني مارڪيٽ جو جائزو وٺن. ??در پاڪستان جي لاءِ نامزد سفيرن کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
پاڪستان فلپائن، ايران ۽ روانڊا سان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳپان کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن