ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان زور ڏنو آهي ته پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا هر آزمائش تي پورو لٿا آهن، هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. هن پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم اقتصادي ۽ مالياتي شعبي ۾ گڏيل عرب امارات پاران پاڪس??ان جي لاءِ ڀرپور تعاون تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته گڏيل عرب امارات 1.8 ملين پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات دوران والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان خ??وصي طور تي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪس??ان جي حمايت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي لاءِ يو اي اي جي صدارت جي لاءِ پاڪس??ان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ سميت ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اهم شعبن ۾ موثر ۽ نتيجاخيز عالمي قدمن طرف بامعنيٰ اڳڀرائي جي موقعي جي طور ت?? ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز پروجيڪٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، معدنيات ۽ بئنڪنگ اينڊ فنانشل سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جو مشاهدو ڪيو. انهن مفاهمت جي ياداشتن سان گڏيل عرب امارات جي پاڪس??ان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت مختلف قدمن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو جنهن سان پاڪ گڏيل عرب امارات اقتصادي حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری