اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، وفاقي گادي واري شهر ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ??ٿارٽي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اسلام آباد جي انتظامي معاملن، امن امان جي صورتحال ۽ منشيات جي حوالي ??ان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ سرڪاري ملڪيتي زمينن تي غيرقانوني قبضن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ??ٿارٽي جي سرپرستي هيٺ ترقياتي منصوبن، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پوليس جي ڪ??رڪردگي ۽ ٻين معاملن جي حوالي ??ان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ گاڏين جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ شهر جي مخلف حصن ۾ قائم شو رومز جي ڪ??ي پارڪنگ ۽ ٽريفڪ جي لاءِ پيدا ڪيل مسئلن جو فوري خاتمو ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام جي لاءِ و??يڪ 160 نيون بسون اچڻ واريون آهن جنهن ??ان پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ موثر ٿي ويندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، پراڻي گاڏين جي عالمي سطح تي لاڳو ماحولياتي آلودگي جي معيار تي فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ ڊرائيونگ لائيسنس جاري ڪ??ڻ جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي مارگلا نيشنل پارڪ جي حوالي ??ان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ??ٿارٽي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيووڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي ??ان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڏوهن جي انگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد پوليس شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيف سٽي جي ڪ??ميرائن کي استعمال ۾ آڻي اي چالان جي نظام کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم پوليس عملدارن کي تعليمي ادارن ۽ انهن جي ڀرپاسي منشيات ۽ نشي آور شين ??ي وڪري ڪ??ڻ وارن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي خلاف سخت قانوني ڪ??رروائي جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسلام آباد ۾ ڊولفن فورس جي قيام جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ نگران گهرو وزير سميت اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی