اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊون 2024ع جي نتيجن مان اهو ظا??ر ٿئي ٿو ??ه چونڊون مجموعي آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون آهن، اسان پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ نئين حڪومت جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيون، مواصلات جي بندش صرف دهشتگر??ي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ هئي، ان قدم جو ڪو ٻيو سياسي مقصد نه هو. ٽي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اقتدار سونپڻ جو اختيار پارليامينٽ جو آهي، اتي جيڪو به گهربل نمبر پورو ڪندو اقتدار اهو ئي سنڀاليندو. چونڊن لاءِ پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي بندش جي حوالي ??ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عام چونڊن کان صرف هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملا ٿيا جنهن جو مقصد جمهوري عمل کي متاثر ڪرڻ هو، سيڪيورٽي ادارن طرفان به اهڙا اطلاع هئا ته هي سلسلو صرف ٻن صوبن تائين محدود نه رهندو، اسان جو ڪم عوام کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ هو. اسان پنهنجي عوام جي جانين کي خطري ۾ نٿي وجهي سگهياسين، مواصلاتي بندش جو مقصد دهشتگردن کي انهن جي مڪروه مقصدن کان پري رکڻ هو. ان جو مقصد ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت نه هئي. هن قدم سان عوام کي پرامن طور پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ميسر آيو ۽ ان بنا خوف ۽ خطري جي آزاداڻي ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. پاڪستان جو عوام بهادر ۽ پُرعزم آهي، هن چيو ته وڌل ووٽن جي حتمي انگن جي باري ۾ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي، تنهن هوندي به ماڻهن جو وڏو انگ ووٽ وجهڻ ٻاهر نڪتو. مون کي خوشي ٿيندي ته جيڪڏهن هي ٽرن آ??وٽ 40 کان 50 سيڪڙو پهچي ٿو. هن چيو ته نتيجن مان صاف ظا??ر ٿئي ٿو ته عام چونڊون مجموعي چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 2002ع کانپوءِ سياسي ۽ جمهوري طور جيڪا تبديلي ??ئي اها پارليامينٽ مان ئي آئي، عمران خان خلاف بي اعتما??ي جي رٿ به فلور آف دي هائوس مان ٿي. اهڙي جمهوري سرگرمين کي ڪنهن مداخلت سان جوڙي نٿو سگهجي، هي جمهوري عمل جو حصو آهي ان تي تنقيد صحيح نه آهي.
مواصلات جي بندش صرف دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ هئي، جيڪو به گهربل نمبر پورو ڪندو اقتدار اهو ئي سنڀاليندو: نگران وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil