ڪرتارپُور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? پاڪستان سمورن سک ياترين جي آجيان ڪري ٿو، ڪرتارپو?? لنگه?? امن جي علامت آهي، ڪرتارپو?? لنگهه سان پاڪستان دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، پاڪستان جو پيغام امن جو پيغام آهي. نارووال ۾ ڪرتارپو?? لنگهه جي دوري جي موقعي ت?? ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين المذاهب هم اهنگي جي اهڙن وڌيڪ قدمن سان خطي ۾ امن کي هٿي ملندي، سک مذهب امن ۽ اتحاد، ماڻهن کي پ??ڻ ۾ ڳنڍڻ جو درس ڏنو آهي.
هن چيو ته سک ياترين جي آساني ۽ سهولت جي لاءِ پاڪستان جا قدم ساراهه جوڳا آهن. صدر کي سي اي او پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ ڪرتارپور صاحب ۾ سک ياترين جي سهولت لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ صدر کي سک مذهب ۽ ڪرتارپور صاحب جي تاريخ بابت ٻڌايو ويو. صدر ڪرتارپور صاحب ۾ مختلف جاين جو دورو ڪيو ۽ ياترين جي لاءِ ڪيل انتظامن کي ساراهيو. صدر پنهنجي دوري دوران ميوزيم ۽ لنگرخاني جو دورو پڻ ڪيو.