اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي ??با??ڪباد پيش ڪئي. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تاجڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل ??هن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاجڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو ا??ها?? ڪيو. صدر آصف علي زرداري رمضا?? ا????با??ڪ جو برڪتن وارو مهينو شروع ٿيڻ تي تاجڪ صدر کي ??با??ڪباد ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ ??با??ڪباد ڏني. ان موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر ??با??ڪباد جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي ا??ها?? تي پنهنجي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.
صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي ٽيليفون، صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد، تاجڪستان جي دوري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2