اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي گڏي?? منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيڙپڪاري بورڊ (بي او آءِ) جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن لاءِ ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي تازي چين جي دوري دوران شينزين ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) جي پوئيواري بابت جامع رپورٽ پيش ڪن. هن پنهنجي چين جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ خصوصي اقتصادي زونز ون اسٽاپ شاپ جي قانوني مسودي جو جائزو وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، جُوتن ۽ ٻين صنعتن کي پاڪستان ۾ منتقل ڪرڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. ان موقعي تي بريفنگ دوران بي او آءِ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ اسلام آباد ۾ واپاري سهُولت مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪي??ن پيون وڃن، جڏهن ته ”ايزي بزنس ايڪٽ“ جو مسودو قانوني ڪيسن بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن اماڻيو پيو وڃي. اجلاس ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي ??زير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي ??زير ڄام ڪمال، ناڻي ۽ اوڳاڙ??ن واري وفاقي ??زير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي ??زير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل سينيئر سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
زيراعظم محمد شهباز شريف پاران چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي گڏيل منصوبن جي منظوري کي اڳتي وڌائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری