اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خ??ص ڌيان ڏنو ويو آهي، ائ??ن ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس مراعتون ڏنيون وڃن، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خ??اني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي عوام دوست بجيٽ 25 – 2024ع جي منظوري تي پذيرائي ڪئي آهي. وزيراعظم سان ناڻي واري وفاقي وزير قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??اڻي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت، ايف بي آر ۽ سمورين لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن جي بجيٽ جي تياري جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ حڪومت، اتحادي ميمبرن ۽ مخالف ڌر سڀني ڀرپور حصو ورتو، اميد ڪريون ٿا ته بجيٽ 25 – 2024ع پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته پوري ڪوشش ڪئي ته موجوده وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيون، بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ مزدورن کي ريليف ڏنو، بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خ??ص ڌيان ڏنو. هن چيو ته اشرافيه ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس ۾ آڻينداسين، ائ??ن ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس مراعتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر شروع آهي، الحمدالله پاڪستان جي معيشت صحيح رخ طرف گامزن آهي. هن چيو ته حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خ??اني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.
بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب