اسلام ??باد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيڪسٽائيل، زرعي م??ينري ۽ دواسازي جي شعبن ۾ وسيع تر حصيداري سان سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم هائوس ۾ سينيگال جي صدر ميڪي سال سان خصوصي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران وزيراعظم ٻطرفي واپار کي 30.469 ملين ڊالر ساليانو جي موجوده سطح کان وڌائي حقيقي صلاحيتن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو. هن وق?? پاڪستان جي سينيگال جي لاءِ ساليانو روانگي واپار 29.33 ملين ڊالر آهي جڏهن ته سينيگال سان آمدني واپار جو ڪاٿو 1.06 ملين ڊالر آهي. ڳالهين دوران وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سينيگال جي صدر پنهنجي پنهنجي وفدن جي سربراهي ڪئي. وزيراعظم نواز شريف سينيگال جي صدر تي زور ڀريو ته هو چمڙي ۽ هلڪي انجنيئرنگ جي م??نوعات، زرعي م??ينري ۽ ساز و سامان سمي?? پاڪستاني م??نوعات مان فائدو کڻي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جي واپار واري وزير جي سربراهي ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري وفد سينيگال جو دورو ڪري سگهي ٿو. هن شگر ۽ سيمنٽ پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سينيگال کي فني تعاون جي فراهمي کانسواءِ زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار