جنيوا – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن وار?? ڪائونسل پاڪستان جي طرفان پيش ڪيل هڪ ٺهراءَ جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ ترقي جي حق کي بطور انساني حق قرار ڏنو ويو آهي ۽ ترقي م انساني ترقي جي مرڪزي ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪيو ويو اهي. اهو ٺهراءَ پاڪستاني سفير ضمير اڪرم پيش ڪيو. ضمير اڪرم جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن وار?? ڪائونسل جي رائيٽ ٽو ڊيولپمينٽ متعلق ورڪنگ گروپ جو چيئرمين آهي. 47 رڪن?? ڪائونسل ۾ مسودي جي حمايت ۾ 29 ۽ منخالفت ۾ 13 ووٽ پيا. جڏهن ته پنج ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. گڏيل قومن ۾ مختلف ملڪن جي نمائندن ٺهراءَ جي مسودي جي منظوري کي پاڪستان جي اهم سفارت?? ڪاميابي قرار ڏنو آهي.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر