ولاريل بيت المقدس-15 مارچ (اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عباس فلسطين ان??يسٽمنٽ فنڊ( پي ايف آءِ ) جي چيئرمين محمد مصطفيٰ کي ملڪ جو نئون وزيراعظم مقرر ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب فلسطين جي صدر جاري ڪيل بيان ۾ چيو ??هي ته اسان محمد مصطفيٰ کي نئون وزيراعظم مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??هي ۽ ان کي قانون ذريعي مقرر وقت اندر فلسطين جي 19هين حڪومت جوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. فلسطين جي نيشنل اٿارٽي جي سربراه نئين وزيراعظم تي زور ڀريو ??هي ته اهو فلسطيني عوام جي مفاد جو تحفظ ڪري، ??لسطين جي ڪاميابين کي برقرار رکي ۽ ان ۾ اضافو ڪري.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II