سيئول-11 ڊس??بر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا پوليس جي خاص جاچ ٽيم يونٽ چيو آهي ته هن ??در يون سوڪ يول جي آفيس تي ڇاپو هنيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي ??در يون سوڪ يول ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو هو، جڏهن ته مخالف ڌر پاران ??خالفت جي ??جهه ڪلاڪن اندر مارشل لا ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. پوليس موجب خاص جاچ ٽيم صدارتي آفيس، نيشنل پوليس ايجنسي، سيئول ميٽرو پوليٽن پوليس ايجنسي ۽ نيشنل اسيمبلي سيڪيورٽي سروس جي آفيس تي ڇاپو هنيو. مارشل لا لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ ??در يون سوڪ يول تي اڳ ئي پرڏيهه سفر تي پابندي لڳائي وئي آهي. پوليس گذريل ڏينهن اختيارن جي غلط استعمال جي الزام ۾ اڳوڻي دفاع واري وزير ڪم يونگ هيون کي گرفتار ڪيو هو. خابرو اداري موجب ڪم يونگ هيون گرفتار جي ??جهه ڪلاڪن کان اڳ آپگهات جي ??وشش ڪئي. سيئول سينٽرل ڊس??رڪٽ ڪورٽ جي ترجمان ??ڌايو ته دفاع واري وزير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڳالهه جو خدشو هو ته ثبوتن کي ضايع ڪري سگهي پيو. دفاع واري وزير پنهجي وڪيل ذريعي چيو آهي ته سموري صورتحال جي ذميوراي صرف ان تي آهي ۽ ماتحت ملازم سندس ح??من تي عملدرآمد ڪري رهيا هئا. گرفتار ڪيل دفاع واري وزير، مارشل لا آپريشن جي انچارج ۽ اڳوڻي گهرو وزير تي پڻ سفري پابندي لڳائي وئي آهي. ڪورين نيشنل پوليس ايجنسي جي ??مشنر جنرل ۽ سيئول ميٽرو پوليٽين پوليس ايجنسي جي سربراهه کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ ڪورين صدر جي آفيس تي پوليس جو ڇاپو، دفاع واري اڳوڻي وزير پاران آپگهات جي ڪوشش
مضمون کا ماخذ : quina acumulada