بيجنگ – 16 آڪٽوبر(اي پي پي) چين روس لاءِ بر??س جي سربراهي جي حمايت ڪري ڇڏي. اها ڳالهه چيني پرڏيهي وزير سومر ڏينهن پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاوروف سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. روسي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو ته چين 2024ع ۾ برازيل، روس، ڀارت، چين، ڏکڻ آفريقا تي ٻڌل اڀريندڙ معيشتن تي ٻڌل گروپ بر??س جي سربراهه جي طور تي روس جي سرگرمين جي حمايت ڪري ٿو. گذريل آگسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ ٿيل برڪس سربراهي اجلاس بعد 6 نئين ميمبرن برڪس ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ارجنٽائن، مصر، ايران، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ ايٿوپيا 2024ع ۾ ان گروپ ۾ شامل ٿيندا. واضح رهي ته رو?? روٽيشن اصول تحت ايندڙ سال بر??س جي چيئرمين شپ سنڀاليندو.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس