ڪراچي – 06 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڀرپور پيداوار شروع ٿي چڪي آهي جنهن سان ترقي جو عمل تيز ٿيندو، ملڪ ۾ اقتصادي سرگرميون وڌي رهيون آهن، پاڪ چين اقتصادي ??نگهه سان ترقي جو سنگ ميل ثابت ٿيندي، ان سلسلي ۾ قوم هڪ ٿي وڃي ۽ ترقي جو سفر روڪيندڙن کي رد ڪري ڇڏي. اها ڳالهه صدر ممنون حسين فوجي فرٽيلائيزر جي بجلي گهر جي افتتاح جي موقعي تي چئي. اهو بجلي گهر 118 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ان پلانٽ کي ماحول دوست بڻائڻ جي لاءِ خ??ص قدم کنيا ويا آهن. افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جو گورنر محمد زبير پڻ ??وجود هو. صدر چيو ته توانائي بحران سبب زرعي شعبو بري طرح متاثر ٿيو ۽ ملڪ ۾ ڀاڻ جي به ??وٽ ٿي پر هاڻي حالتون بهتر آهن.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa