نيويارڪ – 18 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن چيو ??هي ته افغانستان جي عورتن کي ڪاروباري سرگرمين ۾ سخت رڪاوٽون درپيش آهن، ان ب??وج??د انهن جي انتظام هيٺ ڪاروباري ادارا ٻين عورتن لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪري رهيا آهن. ترقي ??ابت عالمي اداري جي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي تازي رپورٽ مطابق افعانستان ۾ سخت چيلنجز کي منهن ڏيڻ ب??وج??د عورتن جي انتظام هيٺ ڪاروبار نه رڳو صنف نازڪ لاءِ ڪمائڻ جا موقعا پيدا ڪري رهيا آهن پر انهن ڏکين حالتن ۾ اقتصادي استحڪام ۽ اميد جي اهم ستون طور تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن يو اين ڊي پي جي ايشيا ۽ پيسيفڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر ڪاني وگناراجا جو چوڻ ??هي ته افغانستان ۾ گذريل 3 سالن دوران جمع ڪيل انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ ڪاروبا??ي عورتون انتهائي سنگين حالتن ۾ ناقابل يقين حوصلي ۽ دليري سان عورتن لاءِ نوڪرين جا وسيلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيون. جاچ مان اها ڳالهه سامهون آئي ??هي ته افغانستان جي عورتن کي ڪاروبار ڪندي ڪيترن ئي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
افغان عورتون واپاري ڏکيائين باوجود مستحڪم، ٻين کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل