هارمنڊس ورٿ-04 آڪ??وب?? (اي پي پي)برطانيا جي فضائي ڪمپني برٽش ايئر ويز چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ سبب اسان هلندڙ مهيني جي آخر تائين لنڊ?? کان اسرائيل لاءِ اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني گذريل ڏي??هن اعلان ڪيو آهي ته اسان 26 آڪ??وب?? تائين اسرائيل لاءِ پنهنجون اڏامون ملتوي ڪرڻ جو انتظامي فيصلو ڪيو آهي. ايئر لائن هيٿرو کان اسرائيل لاءِ روزانو واپسي جي اڏام هلائي هئي، آئرلينڊ جي مسافر بردار ريان ايئر به گذريل ڏي??هن چيو ته هن گهٽ ۾ گهٽ جنوري کان مارچ 2025ع جي آخر تائين اسرائيل لاءِ اڏامون معطل ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ريان ايئر جي سي اي او مائيڪل اوليري چيو آهي ته اسان معذرت خواهه آهيون ته اسان پنهنجي هوائي جهاز جي عملي يا مسافرن جي وچ اوڀر جي ان علائقي ۾ سفر ڪرڻ جو خطرو کڻي نٿا سگهون، هن چيو ته جيڪڏهن جنگ بند ٿي وڃي ته اسان جلد ئي اسرائيل ۽ عمان لاءِ پنهنجون اڏامون ٻيهر شروع ڪري ڇڏينداسين.
برٽش ايئر ويز پاران لنڊن کان اسرائيل لاءِ اڏامون آڪٽوبر جي آخر تائين معطل
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس