گڏيل قومون-13 نومبر (اي پي پي) گڏيل قوم?? غزه ۾ جاري سنگين بربريت جي مذمت ڪندي چيو آھي ته اسرائيل سنگين ترين عالمي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رھيو آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق اھا ڳالھه گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري (او سي ايڇ اي) جي ع??ور?? سربراھه جوئس مسويا گذريل ڏينھن سلامتي ڪائونسل کي خطاب دوران چئي. ھن چيو ته غزه ۾ شھرين کي سندن گھرن مان نيڪالي ڏيڻ، خاندان جي ماڻھن کي قتل ڪرڻ، انھن کي ساڙڻ ۽ زنده دفنائڻ جا واقعا عام آ??ن. ??لائقو ويران ٿيڻ سان گڏو گڏ ملبي جو ڍير بڻجي چڪو آھي. ھن چيو ته اسان اسرائيل پارا?? غزه ۾ جاري سنگين ترين عالمي ڏوهه ڏسي رھيا آھيون، غزه ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ اسرائيلي بربريت جي ڪا حد ناھي. واضح رھي ته سلامتي ڪائونسل جو اھو اجلاس ھڪ تازي رپورٽ تي ٻڌل ھو جنھن ۾ غزه ۾ ڏڪار جو امڪان ظاھر ڪيو ويو ھو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری