اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته 2013ع جي چونڊن کانپوءِ ئي هڪ بنا جواز مهم شروع ڪئي وئي، چئن سالن دوران ڇا ڇا ٿيندو رهيو، هن وقت ٻڌائي نٿو سگهان، هاڻي هي ٽيون حملو ٿي رهيو آهي، ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر پوئتي ڌڪڻ ??ي ڪوشش ٿي رهي آهي، تڪ??اري جي آءِ ٽي جي تڪ??اري رپورٽ مخالفن جي بي بن??اد الزامن جو مجموعو آهي، چار هزار صفحن ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني جو ڪو الزام نه هنيو ويو. مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته تڪ??اري جي آءِ ٽي جي تڪ??اري رپورٽ اسان جي مخالفن جي بي بن??اد الزامن جو مجموعو آهي، ان رپورٽ ۾ اسان جي موقف ۽ ثبوتن کي غلط قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪي ٺوس دستاويز پيش نه ڪيا ويا. هن چيو ته رڳو اسان جي خاندان جي 62 سالا ڪاروباري معاملن کي مفروضن، سورس رپورٽن، بهتانن ۽ الزام تراشين جي بن??اد تي نشانو بڻايو ويو آهي.
ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria