اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو آهي ته سٺي ??خل??ق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کان بچي سگهجي ٿو، دين اسلام ??خل??ق تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏيندو آهي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ اسڪول جي شاگردياڻين سان ڳالهائيندي چئي. ??خل??قي تربيت جو هي سلسلو گذريل ڪافي عرصي کان جاري آهي ته جيئن ڇوڪرين جي تعليم سان گڏوگڏ انهن جي ??خل??قي تربيت تي به ڌيان ڏئي سگهجي. بيگم محموده ممنون حسين چيو ته ??خل??ق حسنه صرف اهو ئي ناهي ته ماڻهن سان سٺي طريقي سان مليو وڃي پر انهن سمورن معاملن کانسواءِ سٺي ??خل??ق ۾ اڃان به گهڻيون شيون شامل آهن جهڙوڪ ايمان، درست عقيده، توحيد ۽ نماز روزي جي پابندي، نيڪ عمل، سٺين عادتن، ماڻهن جي معاملن ۾ سچائي، ننڍڙن سان شفقت ۽ محبت ۽ وڏن جو ادب ۽ اح??را??، والدين جي خدمت، انهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ، پاڙيسرين سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ، عزيز، رشتيدارن، دوستن سان سٺو سلوڪ، ماڻهن جي معاملن ۾ عدل ۽ انصاف، آخرت جي فڪر، قرآن مجيد جي تلاوت، اسلام جي رڪن جي پابندي، حقوق العباد جي ادائيگي ۽ بي ايماني ۽ ناانصافي، حرام جي ڪمائي، بيواهه ۽ يتيم جو مال کائڻ کان پري رهڻ وغيره سڀ شيون سٺي ??خل??ق ۾ شامل آهن.
سٺي اخلاق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کان بچي سگهجي ٿو: بيگم محموده ممنون حسين
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن