اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري مم??ڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام پنهنجي قائد محمد نواز شريف کي جيترو پيار ڏئي رهي آهي، عمران صاحب اهو ڏسي ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، عمران صاحب نواز شريف تي اقامي جو الزام هنيو ويو. پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته موروثي سياست تي ليڪچر ڏيڻ وارو ڪهڙي منهن سان جهانگير ترين جي پٽ جي جلسي ۾ تقرير ڪري ??هيو هو، ڪا شرم هوندي آهي ڪو حياءَ هوندي آهي، محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف سان حسد ڪندڙ پنهنجي صوبي جي ترقياتي بجيٽ جو 60 سيڪڙو به استعمال نه ڪري ??گهيا، ڇا اها به محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي سازش آهي؟ مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ شهباز شريف جهڙا بجلي ۽ توانائي جا پراجيڪٽس هڻي ڏيکارين.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔