مظفر آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي ۽ ميمبرن چي?? آهي ته ڪشمير مسئلي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، ڪشمير تي جارحاڻي سفارتي پا??يس?? جي ضرورت آهي، مودي ڀ??رت کي انتهاپسندي جي انتها تائين پهچائي ڇڏي?? آهي. عيدالاضحيٰ جي ??وق??ي تي مظفرآباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشمير تي 5 آگسٽ جو فيصلو طئي ٿيل منصوبابندي تحت ڪيو، ڪشمير تي سفارتي ۽ قومي سطح تي تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۽ حريت قيادت پنهنجون گڏيل سفارشون پرڏيهي وزارت کي ڏئي ڇڏيون آهن. ڪشمير جي معاملي تي جارحاڻي سفارتي پا??يس?? جي ضرورت آهي، ڪشمير تي پاڪستان جي سياسي قيادت کي عملي يڪجهتي جي ضرورت آهي. فاروق حيدر چيو ته مودي ڀ??رت کي انتهاپسندي جي انتها تائين پهچائي ڇڏي?? آهي، ڀارت ۾ اصل اختيار 5 سيڪڙو برهمڻ وٽ آهي، سمورا وسيلا انهن جي ڪنٽرول ۾ آهن ڪورونا وائرس کانپوءِ دنيا جون ترجيحون تبديل ٿي ويون آهن، ڪشمير پهرين نمبر تي هو. راجا فاروق حيدر چيو ته ڪورونا جي ڪري اقتصادي ترقي متاثر ٿي دنيا بدلجي وئي، ڪشمير تي پاڪستان ۾ سياسي يڪجهتي کي عملي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي جاگرافيائي حدن کي پکڙجڻ?? آهي، ڪشمير کي ان جو حصو بڻجڻ?? آهي. ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي عيد جي ??وق??ي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هتي پهت?? آهيان. شهريار آفريدي چيو ته مون سان گڏ ڪشمير ڪميٽي جا ميمبر پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهتا آهن. وزيراعظم عمران خان ڪشمير جي حقيقي سفير جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ اهم فورمن تي ڪشمير جي آزادي جو ڪيس وڙهي رهي?? آهي، اسان ڪشمير جي لاءِ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار آهيون. شهريار آفريدي چيو ته ڪشمير مسئلي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، ڪشمير جي آزادي تائين ڪشمير جو ڪيس وڙهنداسين، فاشسٽ مودي حڪومت ڄاڻي وٺي ته ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون.
ڪشمير مسئلي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين: شهريار آفريدي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت