اسلام ??با?? – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، شاهه محمود قريشي ۽ خاص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ جي فورم کي پنهنجي ڪارن ڪرتوتن کي لڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، عدالتون ۽ قانوني ادارا سوال ڪ?? ته ان جو جواب ڏيڻو پوندو، اين آر او رليف جو نالو، بچاءُ جو پروگرام ۽ ڇوٽڪاري جو هڪ رستو آهي جنهن جي آڙ ۾ ٻن وڏين پارٽين اڳتي وڌڻ پئي چاهيو، اسان سياسي انتقام جا قائل نه آهيون پر ??حت??اب جي عمل تان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ پٺتي نه ٿي هٽي سگهي، خواجه آصف سياسي انتقام جي پٺيا?? نه لڪي، پنهنجي مني ٽريل ٻڌائي ته جيئن سندس جان آجي ٿي سگهي، جيڪڏهن استعيفيٰ ڏيڻ چاهين ٿا ته پوءِ ضمني چو??ڊن ۾ حصو ۽ ضمني چو??ڊن جون تياريون ڇو ٿي رهيون آهن، فالودي، پاپڙ، کنڊ واري کانپوءِ چانور جي ڪارپوريٽ آفيس ۽ بزنس کانسواءِ هڪ سال ۾ 10 ڪروڙ رپيا ٻاهر ويا ۽ اڪائونٽ ۾ اچي ويا. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.
مخالف ڌر پارليامينٽ کي ڪارا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي: شبلي فراز/شاهه محمود/بابر اعواڻ
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز