گڏيل قومون – 02 مئي(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل جي هڪ ڪميٽي افغانستان ۾ طالبان انتظاميه جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي کي پاڪستاني ۽ چيني هم منص??ن سان ملاقات لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. عالمي اداري ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل جي ڪميٽي وقتي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي کي پاڪستاني ۽ چيني پرڏيهي وزيرن سان ملاقات لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان جو سفر ڪرڻ جي اجازت ڏ??ڻ جي درخواست کي قبول ڪري ورتي آهي. سلامتي ڪائون??ل جي 15 رڪني ڪميٽي کي لکيل خط مطابق گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن درخواست ڪئي هئي ته امير خان متقي کي 6 کان 9 مئي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات لاءِ استثنا ڏني وڃي جڏهن ته ان درخواست ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته ملاقات ۾ ڪهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
گڏيل قومن پاران افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستاني ۽ چيني هم منصبن سان ملاقات لاءِ اسلام آباد سفر جي اجازت
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo