قاهره -26 سيپٽمبر (اي پي پي) مصر ۾ اليڪشن اختيارين صدارتي چونڊ 10 کان 12 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي ميڊيا مطابق نيشنل اليڪشن اٿار??ي جي چيئرمين جسٽس وليد حسن حمزه ٻڌايو ته پولنگ 10، 11 ۽ 12 ڊسمبر تي ٿيندي، اميدوار آڪٽوبر ک??ن درخواستون جمع ڪرائي سگهندا، اميدوارن جي فهرست کي 9 نومبر تي حتمي شڪل ڏني ويندي، چونڊ مهم 29 نومبر تائين جاري رهندي ۽ نتيجن جو اعلان 18 ڊسمبر تي ڪيو ويندو. اڳوڻي آرمي چيف صدر عبدال??تا?? السيسي جو اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان اقتدار ۾ آهي اڃا تائين پنهنجي اميدواري جو باقاعده اعلان ناهي ڪيو. 68 سالن جو عبدال??تا?? السيسي پهريون ڀيرو 2014ع ۾ صدر چ??نڊ??و هو ۽ وري 2018ع جي چ??نڊ?? ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻي تائين رڳو ٻن ٻين اميدوارن چ??نڊ?? ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ مخالف ڌر جو سياستدان احمد الطعطاوي شامل آهي. مصر جي سوشل ڊيمو ڪريٽڪ پار??ي جي صدر فريد زهران به چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
مصر ۾ صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ 10 کان 12 ڊسمبر تي ٿيندي: نيشنل اليڪشن اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ