برسلز-14 ڊسمبر (??ي پي پي) يورپي يونين جي سربراهه ارسلا وان ڊيرليين جي اولهندي ڪناري جي انتهاپسند يهودي آبادڪارن جي خ??اف پابنديون لڳائڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪي ??لس??ينين تي تشدد آميز حملا ڪرڻ جا ذميوار آهن. العربيه اردو موجب يورپي يونين جي صدر چيو ته ان لاءِ اهڙن ماڻهن خ??اف پابنديون لڳائڻ جي حمايت ڪريان ٿي جيڪي اولهندي ڪناري ۾ ??لس??ينين تي حملن ۾ ملوث آهن. ارسلان وان ڊيرليين جو اهو موقف ان وقت سامهون آيو جڏهن يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزپ بوريل چيو هو ته اولهندي ڪناري جي يهودي آبادڪارن تي پابنديون لڳائڻ لاءِ معاملو اڳتي وڌائڻ گهرجي. ان طرح جي پابندين لاءِ 27 رڪني يورپي يونين ۾ مڪمل اتفاق جي ضرورت آهي پر ان ۾ ان موضوع تي ڌڙابندي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں