ماسڪو -13 مارچ (اي پي پي) روس يوڪرين کي فنڊ ڏيڻ لاءِ روس جي مرڪزي بئنڪ جا منجمد ذخيرا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري سوئيٽزرلينڊ جي قدم کي ان ملڪ جي سفير ڪرسٽينا مارٽي لينگ کي طلب ڪري احتجاج ڪيو آهي. روسي خاب??و اداري موجب سوئيٽزرلينڊ وٽ پنهنجن مالياتي ادارن ۾ روس جا 8 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جا ذخيرا منجمد آهن. ملڪ جي پارليامينٽ گذريل هفتي حڪومت کي قا??ون موجب معاوضي جو ميڪانزم ٺاهڻ واري ڪم ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ وارين تحريڪن ج?? هڪ سيريز جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جنهن جي حمايت ۾ 21 ۽ مخالفت ۾ 19 ووٽ پيا هئا. روس جي پرڏيهي و??ارت گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو هو ته روس سوئس عملدارن جي انهن قدمن جي شديد مذمت ڪري ٿو جيڪي رياستي ڇوٽ جي حوالي سان عالمي قا??ون جي بنيادي اصولن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪن ٿا.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا