مڪو شريف – 15 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي الحر??ين الشريفين معاملن جي جنرل اٿارٽي مسجد الحرام ۾ اعتڪاف لاءِ رجسٽريشن جو اعلان ڪيو آه??. سبق نيوز مطابق جنرل اٿارٽي چيو آه?? ته رجسٽريشن جي شروعات 17 مارچ 2024 (7 رمضان المبارڪ 1445 هه) کان اٿارٽي جي پورٽل ۽ ويب سائٽ ذريعي ٿيندي. ان حوالي سان ڪجهه شرطون رکيون ويون آه?? جن مطابق اعتڪاف جي خ??اهشمند جي عمر 18 سالن کان گهٽ نه هجي ۽ 20 رمضان تي مقرر وقت تي مسجد الحرام ۾ اعتڪاف لاءِ پهچڻ شامل آه??. اٿارٽي چيو آه?? ته مسجد الحرام ۾ اعتڪاف جا خواهشمند فوري طور تي رجسٽريشن ڪرائن ڇو جو انگ مڪمل ٿيڻ تي رجسٽريشن روڪي ويندي. واضح رهي ته مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي انتظاميا هر سال اعتڪاف لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ۽ ان لاءِ مخصوص هنڌن جو اعلان ڪندي آه??.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ