رياض -18 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي شا??ه سلمان بن عبدالعزيز سماجي ڪفالت مان فائدو کڻندڙن لاءِ رمضان ۾ 3 ارب ريال کان وڌيڪ امداد ورهائڻ جو حڪم ڏنو. ايس ??ي اي خاندان جي سربراهه کي هڪ هزار ۽ فيملي ميمبر ??ي 500 ريال ان مد ۾ ڏنا ويندا. شاهي من??ور?? تحت جاري ٿيندڙ رقم سڌي ريت فائدو کڻندڙ ماڻهن جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ??يندي. سعودي عرب جي افرادي سگهه ۽ سماجي ڀلائي ??اري وزير انجنيئر احمد الراجحي رمضان دوران ضرورتمند شهرين جي مدد تي شا??ه سلمان جي فراخدلي جي تعريف ڪئي. هن چيو ته رمضان امداد سان سماجي ڪفالت مان فائدو کڻڻ ۾ سهولت ٿيندي. رمضان جون ضرورتون سٺي نموني پوريون ڪري سگهندا. ياد رهي ته بيوه، يتيم، بيروزگار ماڻهو، پيرسن ۽ معذور سماجي ڪفالت مان فائدو کڻندڙن ۾ شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری