گڏيل قومون- 08 مارچ (اي پي پي) گڏيل ق??من چيو آهي ته جنگن جي سڀ کان ??ڌيڪ قيمت عورتون ادا ڪري رهيون آهن پر پوءِ به سفارتي محاذ تي ??ندن نمائندگي تمام گهٽ آهي. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل ق??من جي عورتن واري شعبي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيماباهوس عالمي برادري کي سڄي دنيا جي عورتن جي تحفظ ۽ حقن جي فراهمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن افغانستان جي حوالي سان ??ڌايو ته اتي ??ورتن تي يونيورسٽين ۽ پارڪن ۾ وڃڻ تي پابندي آهي جڏهن ته نوڪرين مان به ڪڍيو ويو آهي. روس – يوڪرين تڪرار جي حوالي سان چيو ته جنگ سبب 80 لک يوڪرين جي شهرين کي پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو آهي جن ۾ 90 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن جڏهن ته جيڪي ماڻحو پنهنجي ئي ملڪ اندر بي گهر ٿيا آهن انهن مان به 70 سيڪڙو عورتون آهن. هن عالمي اڳواڻڻ ??ي زور ڀريو ته اهي سال 2000ع ۾ منظور ٿيل گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي تاريخي ٺهرائن مطابق ڪم ڪن، جن۾ تڪرارن جي حل ۽ عورتن جي حقن لاءِ زور ڀريو ويو آهي.
جنگن جي سڀ کان وڌيڪ قيمت عورتون ادا ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات