رامله -13 جون (اي پي پي) فلسطين جي وزيراعظم محمد اشتيه مس??د اقصيٰ جي مسلمانن ۽ يهودين ۾ ورهاڱي جي حوالي سان مسودي واري قانون کي اسرائيلي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي منصوبي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان تجو??ز ڪيل قانون تي عملدرآمد کي روڪرائڻ لاءِ ترڪيه، انڊونيشيا ۽ مصر کان مدد جي درخواست جو اشارو ڏنو آهي. عرب نيوز مطابق فلسطين جي وزيراعظم اسرائيلي اختيارن کي به خبردار ڪيو آهي ته هو قانوني مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ کان پاسو ڪري. هن وڌيڪ خبردار ڪيو ته ان قدم سان وڏي پئماني تي ڏڦيڙ ٿي سگهن ٿا ۽ فلسطيني عرب ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ مس??د اقصيٰ هڪ مقدس هنڌ هجڻ جي ڪري ان قدم جا ناقابل تصور نتيجا نڪري سگهن ٿا. هن عرب، مسلمان ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان قدم جي نه رڳو مذمت ڪن پر عملي طور قدم کڻن ۽ اسرائيلي تي اهڙيون پابنديون لڳائين ته جيئن هو مس??د اقصيٰ جي حوالي سان موجوده قانونن جي ڪا ڀڃڪڙي نه ڪري سگهي. فلسطينين کي ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي آهي ته اسرائيل جي ليڪوڊ پارٽي سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبر اميت هالوي طرفان مس??د اقصيٰ جي مسلمانن ۽ يهودين وچ ۾ ورهاڱي تي ٻڌل قانوني مسودي جي منظوري لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي قدم کي هڪ وڏو منصوبو قرار ڏنو آهي جنهن جو نتيجو اسرائيل ۽ فسلطين وچ ۾ وڏي پئماني تي جنگ ۽ تشدد جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو. ان مسودي تحت مس??د اقصيٰ جي صحن ۾ واقع گنبذ صحره جي اڱڻ کان وٺي مس??د اقصيٰ جي اترئين حد تائين جو علائقو يهودين کي الاٽ ڪرڻ تجو??ز ڪيو ويو آهي. ان منصوبي تي عمل جي صورت ۾ مسجد قصيٰ جي حيثيت الخليل ۾ واقع مس??د ابراهيم جهڙي رهجي ويندي جنهن جو 75 سيڪڙو حصو يهودين ک?? عبادت لاءِ الاٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته مسلمانن لاءِ رڳو 25 سيڪڙو حصو بچيل آهي. نئين قانون جي منظوري جي صورت ۾ يهودين کي سمورن دروازن مان مس??د اقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي ويندي. هن وقت يهودين کي رڳو مراڪشي دروازي مان مس??د اقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي.
عرب، مسلمان ۽ عالمي برادري مسجد اقصيٰ جي ورهاڱي جي تجويز ڪيل اسرائيل جي منصوبي تي عمل کي روڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن: فلسطين جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania