واشنگٽن-12 اپريل (اي پي پي)آمريڪا جي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم جي غزه پاليسي کي هڪ غلطي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اسرائيل جنگ بندي طرف پنهنجو قدم وڌائي. آمريڪي هسپانوي زبان جي ٽي وي نيٽڪ کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر جوبائيڊن چيو ته وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي غزه پاليسي هڪ غلطي هئي ۽ هن اسرائيل تي زور ڀريو ته هو جنگ بندي جو مطالبو ڪري. نيتن ياهو جي جنگ کي ??نه?? ڏيڻ جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ جوبائيڊن چيو ته ??نه??جي خيال ۾ هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو هڪ غلطي آ??ي، مان ان جي موقف سان متفق ناهيان. بائيڊن ان ڳالهه کي ??رج??يو ته گذريل هفتي هڪ اسرائيلي ڊرون حملو جنهن ۾ غزه جي هڪ آمريڪي خيراتي اداري ورلڊ سينٽرل ڪچن جا 7 امدادي ڪارڪنن مارجي ويا هئا، اهو اسرائيل جو چڙ ڏياريندڙ ق??م هو، هن چيو ته تنهن ڪري مان جنهن شيءَ جو مطالبو ڪري رهيو آهيان اهو هي آ??ي ته اسرائيل سان صرف جنگ بندي جو مطالبو ڪريان، ايندڙ 6 کان 8 هفتن تائين ملڪ ۾ ويندڙ سموري خوراڪ ۽ دوائن تائين مڪمل رسائي جي اجازت ڏي. آمريڪي صدر تباهه ٿيل غزه ۾ وڌيڪ امداد ڏيڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وڌائيندي چيو ته هن سعودي عرب، اردن ۽ مصر سان ڳالهه ڪئي آ??ي ۽ اهي امدادي خوراڪ کي غزه اندر منتقل ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن وڌيڪ چيو ته انهن ماڻهن جي طبي ۽ خوراڪ جي ضرورتن کي پورو نه ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي. بائيڊن جي انٽرويو اسرائيل طرفان غزه ۾ ورلڊ سينٽرل ڪچن جي امدادي ڪارڪنن جي مارجڻ کانپوءِ ان جي اسرائيل جي پاليسي ۾ ڊرامائي تبديلي جي نشاندهي ڪئي آ??ي جنهن عالم ڏک ۽ ڪاوڙ کي جنم ڏنو.
اسرائيلي وزيراعظم جي غزه پاليسي هڪ غلطي، مان ان جي موقف سان متفق ناهيان: جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات