ٽوڪيو – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي اتر اوڀر واري شهر مياگي ۾ واقع اوناگاوا ايٽمي بجلي گهر جي انتظامي ڪ??پن?? پنهنجي ري ايڪٽرن مان هڪ کي 2011ع جي زلزلي ۽ سونامي جي سانحي ۾ نقصان پهچڻ جي 13 سالن کانپوءِ ٻيهر هلائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اوناگاوا ايٽمي بجلي گهر جي منتظم ڪ??پن?? طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته 2011ع جي سانحي سبب اوناگاوا نمبر 2 ري ايڪٽر کي ڪيترن ??ي ٻاهرين ذريعن سان هلندڙ بجلي ڪٽجي وئي هئي ۽ ان زمين هيٺ حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو هو. توهوڪو اليڪٽرڪ پ??ور ڪ??پن?? بجلي گهر جي سامونڊي ڀتين کي سمنڊ جي سطح کان 29 ميٽر تائين بلند ڪرڻ سميت سانحي کي ٻيهر پيش اچڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کنيا آهن. توهوڪو اليڪٽرڪ ڪنٽرول راڊز کي هٽائي ري ايڪٽر کي ٻيهر فعال ڪيو. ڪ??پن?? چيو ته ري ايڪٽر سيلف سسٽيننگ چين ري ايڪشن تائين پهچي ويو آهي ۽ نومبر جي شروعات ۾ بجلي جي پيداوار شروع ??يڻ جو امڪان آهي.
جاپان ۾ اوناگاوا ايٽمي ري ايڪٽر 2011ع سانحي کانپوءِ ٻيهر هلايو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار