ڍاڪا-14 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اٽارني جنرل محمد اسد الزمان ملڪي آئين ۾ ترميمن جو مطالبو ڪندي سوشلزم، بنگالي قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ شيخ مجيب الرحمان کي باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسد الزمان اهي رمارڪس بنگلاديش جي 15 هين آئيني ترميم جي قانوني حيثيت تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي پنجين ڏينهن پنهنجي دليلن دوران ڏنا. هن آئين جي آ??ٽي??ل 8 جو حوالو ڏيندي چيو ته سوشلزم ۽ سيڪيولرازم ان قوم جي حقيقتن جي عڪاسي نه ڪندا آهن جتي 90 سيڪڙو مسلمانن جي هجي. هن ان حوالي سان آئين جي اصل جملي کي بحال ڪرڻ جي وڪالت ڪئي جنهن ۾ الله تي پختي ايمان تي زور ڀريو ويو هو. هن آ??ٽي??ل 9 ۾ بنگالي قومپرستي جي هڪجهڙائي تي به سوال اٿاريا ان کي جديد جمهوري اصولن جي ابتڙ قرار ڏنو. هن ريفرنڊم لاءِ شقن کي بحال ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو، جن کي 15 هين ترميم تحت ختم ڪيو ويو هو. اٽارني جنرل آ??ٽي??ل 6 تي به تنقيد ڪئي، جيڪو ٻولي جي ذريعي قوم?? سڃاڻپ جي وضاحت ڪري ٿو ۽ دعويٰ ڪئي ته ان سان شهرين ۾ غير ضروي ويڇي کي هٿي ڏني آهي. هن چيوته آ??ٽي??ل (ka)7 ۽ (Kha) 7 جمهوريت جي روح سان هڪجهڙائي نٿا رکن ۽ آمراڻي مقصدن جي تڪميل ڪن ٿا ان لاءِ انه?? ٻنهي آ??ٽي??لز کي ختم ڪيو وڃي. اٽارني جنرل نگران حڪومتي نظام جي خاتمي جي پڻ شديد مذمت ڪئي.
بنگلاديش جي اٽارني جنرل پاران ملڪي آئين مان سوشلزم، قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے