نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گيٽريز سان هتي ٿيندڙ ملاقات ۾ سندس آڏو ڪشمير مسئلو کنيو ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خل??ف ورزين تي ٻڌل دستاويزي ثبوت سندس حوالي ڪيا. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو ڪشمير تي خاص نمائندو مقرر ڪري. هن چيو ته اهو لازمي آهي ڇو ته ڀارت ڪنهن به قسم جي ڳالهين جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران فائربندي جي خل??ف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته رڳو هلندڙ سال دوران 600 جي لڳ ڀڳ خل??ف ورزيون ڪيون ويون. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته رڳو اڄ جي ڏينهن ڀارتي فورسز جي فائرنگ سان ايل ا?? سي تي چار شهري شهيد ٿيا
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا