گڏيل قومون – 22 سيپٽمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان هاڻي ڪنهن جي لاءِ وڌيڪ قرباني جو ٻڪرو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهيون، طالبان جا محفوظ ٺڪاڻا پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ آهن ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارر??اي??ن سرحد جي ٻئي پاسي کان ڪيون وڃن ٿيون، ڀارت پاڪستان جي خلاف محدود جنگ جي ڊاڪٽرائين ??ي عمل ڪيو ته کيس ڀرپور ۽ ان جهڙو جواب ڏنو ويندو، ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جو ??صوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين ??جلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ پنهنجي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ معصوم عوام تي ظلمن تي شديد ڳڻتي جو ??ظهار ڪندي چيو ته ڀارت ڪشميرين کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو ??نڌاڌند ۽ هروڀرو استعمال ڪري رهيو آهي، عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي هروڀرو نشانو بڻايو پيو وڃي، هزارن جي تعداد ۾ معصوم ڪشميري ماريا ۽ زخمي ڪيا ويا آهن
ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق