اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فاٽا جي انضمام کانپوءِ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ويندو، اڳوڻي حڪومت ۾ جهلم، لوڌران، راجن پور، چڪوال ۽ ٻين ضلعن ۾ مخصوص طريقي ??ان پئسا خرچ ڪيا ويا جنهن جي ڪري اهي علائقا ان رفتار ??ان ترقي نه ڪري سگهيا جنهن رفتار ??ان لاهور ۽ ٻين ضلعن ترقي ڪئي آهي، ايوان ۾ تقريرون ڪرڻ ته آ??ان آهي پر عملي ڪم ۾ ساٿ نه ٿو ڏنو وڃي، قومي ماليا??ي ڪميشن (اين ايف سي) ٺاه?? جي لاءِ اڃا تائين سنڌ حڪومت پنهنجو نمائندو نامزد ناهي ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته جڏهن فاٽا جو انضمام ٿي رهيو هو ته ان وقت واعدو ڪيو و??و هو ته اين ايف سي جي شيئرز ۾ فاٽا جو حصو رکيو و??ندو، جڏهن اين ايف سي ايوارڊ جوڙڻ جو مرحلو آيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين پنهنجو نمائندو ئي نامزد ناهي ڪيو.
فاٽا کانپوءِ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ويندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : números dupla sena