اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اين سي او سي جو خصوصي اجلاس پشاور ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن جي ميزباني خيبرپختونخواهه ج?? وڏي وزير محمود خان ڪئي. اجلاس ۾ اين سي او سي جي خصوصي ٽيم ۽ صو??ائي چيف سيڪريٽرين کانسواءِ ٻين صو??ن جي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قرباني جي عيد جي موقعي تي ??انورن جي منڊين جي حوالي سان ايس او پيز ۽ انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان سان گڏوگڏ وبا جي موجوده صو??تحال کي ڏٺو ويو. عوام جو تفريح ۽ سياحتي ماڳن طرف رخ ڪرڻ جي رجحان ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدمن تي ??ور ڪيو ويو. سمارٽ لاڪ ڊائون، هاٽ اسپاٽ جي حوالي سان اپ ڊيٽ ڏني وئي. خيبرپختونخواهه ج?? وڏي وزير محمود خان اين سي او سي جي ٽيم ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي پشاور اچڻ تي ڀليڪار چيو. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر جا خيبرپختونخواهه جي ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي حوالي سان ڪوششن کي ساراهڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته هو ان ڪاميابي جو سهرو پنهنجي سڄي ٽيم جي نالي ڪري ٿو. وڏي وزير اين سي او سي فورم کي ساراهيندي چيو ته اين سي او سي جو قيام مستقل طور تي ??هڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي جي صو??ت ۾ صو??ن سان ڪوآرڊينيشن ڪئي وڃي ۽ ان کي بهتر طريقي سان منهن ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٽوئررزم جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي ??مام گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ڇو ته ٽوئرازم خيبرپختونخواهه جي معيشت جو اهم حصو آهي. جيتوڻيڪ اين سي او سي جي هر فيصلي کي قبول ڪندي ان تي ??يئن جو تيئن عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.
اين سي او سي جو پشاور ۾ خصوصي اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ