اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺندس، جيڪڏهن اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهيس ته اپوزيشن ۾ ويهي رهندس، پي ڊي ايم جا اڳواڻ ياد رکن آئون حڪومت ۾ هجان يا نه هجان ملڪ جي ??دارن جو مقابلو ڪندو رهندس، جيستائين زنده آهيان قانون جي ??الادستي لاءِ جدوجهد جاري رکندس، مون کي حڪومت وڃڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي، ميثاق جمهوريت ۾ سينيٽ چونڊون اوپن ڪرائڻ تي اتفاق ڪندڙن سپريم ڪورٽ ۾ ان جي مخالفت ڪئي، انهن جو مقصد يوسف رضا گيلاني کي پئسن سان ڪامياب ڪرائي منهنجي مٿان عدم اعتماد جي ??لوار لٽڪائڻ هو، عوام کي فيصلو ڪرڻو آ??ي ته هن کي چورن جو ساٿ ڏيڻو آهي يا ملڪ کي ترقي جي ??اهه تي گامزن ڪرڻو آهي، صرف قانون ڪرپشن ختم نٿا ڪري سگهن پر ان لاءِ پوري قوم کي جدوجهد ڪرڻي پوندي. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينيٽ جي ٿيندڙ چونڊن تي آئون پنهنجي قوم سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ان جي ??اري ۾ قوم کي سمجهائڻ ان لاءِ ضروري آ??ي ته جيڪڏهن کين ان چونڊ جي ??مجهه اچي وڃي ته ملڪ جا سمورا مسئلا سمجهي ويندا. وزيراعظم چيو ته ساڍا 6 سال پهرين خيبرپختونخوا ۾ جڏهن اسان جي ??ڪومت هئي تڏهن اسان کي خبر پئي ته سينيٽ چونڊن ۾ پئسو هلندو آهي ۽ اهو ڪم 40 سالن کان هلندو پيو اچي، تڏهن اسان مهم هلائي ته ملڪ ۾ اها ڪهڙي سياست هلي رهي آهي، پارليامنيٽ جا ميمبر ئي وزيراعظم، وڏن وزيرن، سينيٽ چيئرمين سميت اعليٰ عهديدارن تي فائز ٿيندا آهن، تڏهن اهو اسان جي لاءِ حيرت انگيز هو ته ميمبر ووٽ وٺي سينيٽر چونڊرائيندا آهن ۽ سينيٽر پئسا ڏئي ووٽ وٺندا آهن، اها ڪهڙي جمهوريت آهي، تڏهن اسان اوپن بيلٽنگ جي مهم هلائي، 2018ع جي ??ينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وڪرو ڪندڙ پنهنجي 20 ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍيو. هن چيو ته اسان ميثاق جمهوريت ۾ به مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سنيٽ چونڊون اوپن بيلٽنگ سان ٿيڻ جو معاهدو ٿيو، انهن جي ??عليٰ عهديدارن جا ان جي ??مايت ۾ بيان آيا، اسان ان حوالي سان سينيٽ ۾ قانون آندو تنهن هوندي به اسان کي انهن پارٽين جي ??مايت نه ملي، پوءِ اسان اهو معام??و سپريم ڪورٽ کڻي وياسين، ان دوران 2018ع جي ??ينيٽ چونڊن ۾ ووٽ خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي، معلوم نا??ي ته سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ڇو اوپن بيلٽ جي ??لاف ويو. سپريم ڪورٽ بار بار چيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ??ئيني ذميواري آهي، سپريم ڪورٽ ۾ پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون ڳجهي بيلٽنگ جي ??ق ۾ ٿي ويون، پهرين اهي اوپن بيلٽنگ جي ??ق ۾ هيون، آئون اهو سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته پهرين اهي اوپن بيلٽنگ جي ??ق ۾ هيون پوءِ اچانڪ ڇو ڳجهي ووٽنگ جي ??ق ۾ ٿي ويون. جڏهن ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ويون تڏهن ڇو ان جي ??ق ۾ هئا.
اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهيس ته اپوزيشن ۾ ويهي رهندس، ملڪ جي غدارن جو مقابلو ڪندو رهندس: وزيراعظم عمران خان جو قوم کي خطاب
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ