اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر ڏينهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ اڃان وڌ??ڪ مضبوط ٿيندو، عمران خان جي شفاف اليڪشن جي جدوجهد جا مخالف ووٽن جي خريد، وڪري ۽ پ??سي جي سياست جا باني آهن، عمران خان اقتدار بدران اصولن جي سياست ڪندو آهي، سموريون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ آ??ن، ايندڙ چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جي ئي فتح ٿيندي، تحريڪ انصاف سدائين هر سطح تي صاف شفاف اليڪشن چاهي ٿي. هو پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن تفصيلي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته اسان جي پارٽي جو موقف آهي ته اليڪشن شفاف طريقي سان ٿين ڇو ته پئسي جي سياست سان اخلاقي قدر پائمال ٿي وڃن ٿا. هن ??يو ته پارليامينٽ ۾ سينيٽ جا ميمبر پئسي جي زور تي ايندا آهن، اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف عملي قدم کنيا آهن. هن ??يو ته جيڪڏهن مخالف ڌر منافقت نه ڏيکاري ها ته اڄ سينيٽ جي اليڪشن شفاف ٿئي ها، دراصل مخالف ڌر جي سياست مفادن ۽ پ??سي جي چوڌاري گهمي ٿي. هن ??يو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت کي پاڙون مضبوط ڪرڻيون آهن ته اهڙين چونڊن طرف وڃڻو پوندو جنهن تي سوال نه اٿن.
عمران خان اقتدار بدران اصولن جي سياست ڪري ٿو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : بونانزا